سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور اندر ڀرتين ۾ اعليٰ عملدارن جي اولاد، مِٽن مائٽن کي نوازڻ، ڪاغذي ڪارروايون مڪمل نه ھجڻ جي اعتراضن باوجود سينڊيڪيٽ ۾ ڀرتين جي منظوري ڏيڻ وارو معاملو، ھائر ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان (ھيڪ) جي نمائندي ڀرتين تي سنگين قسم جا اعتراض واريندي لکت ۾لاڳاپيل اختيارين کي خدشن کان آگاھ ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اھم عھدن تي مقرر آفيسرن جي مٽن، مائٽن، اولاد کي نوازڻ بابت سينڊيڪيٽ جي اجلاس ۾ مميبرن طرفان اعتراض وارڻ باوجود منظور ڏيڻ واري معاملي کان پوءِ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي نمائندي محمد رضا چوھاڻ سنگين قسم اعتراض واريندي لکت ۾ ھيڪ اختيارين، سينڍيڪيٽ ميمبرن سميت لاڳاپيل اختيارين کي خدشن کان آگاھ ڪري ڇڏيو آھي. ھيڪ جي نمائندي محمد رضا چوھاڻ پنھنجي لکيل ليٽر ۾ ڄاڻايو آھي ته لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سينڊيڪيٽ جي اجلاس بعد جيڪي مقرريون ڪيون ويون آھن اُھي غيرقانوني ۽ ھيڪ جي قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ آھن، جن سان ھيڪ متفق ناھي. ھيڪ جي قانون ۾ واضح آھي ته ايڍھاڪ، ڊيلي ويجز، ٽيچنگ تجربو، پروموشن ۾ ڪائونٽ نه ڪيو ويندو، اجلاس ۾ اِھو طئي ٿيو ته سليڪشن بورڊ وارو معاملو ٻئي سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ ۾ طئي ڪيو ويندو، کيس سينيڊيڪٽ جي منٽس جي ڪاپي نه ڏني وئي جنھن مان لڳي ٿو ته وڏي پئماني تي بي ضابطگيون ٿيون آھن، رولز جي خلاف ورزي ٿي آھي، اھڙين مقررين کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي. ھن پنھنجي لکيل ليٽر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آھي ته سليڪشن بورڊ اڳواٽ ئي ڪورٽ ۾ چئلنيج ٿيل آھي. ھيڪ جي نمائندي خدشن جو اظھار ڪندي ڄاڻايو آھي ته يونيورسٽي انتظاميا جو ارادو ھو ته ھو ميٽنگ اٽينڊ ئي نه ڪري سگھي، آن لائين ميٽنگ لاءِ لنڪ مان کيس بار بار ڊس ڪنيڪٽ ڪيو پئي ويو. ھيڪ نمائندي طرفان لکت ۾ واريل اعتراضن واري ڪاپي سينڍيڪيٽ جي سمورن ميمبرز، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ، چيئرمين ھائر ايجوڪيشن ڪميشن، ايگزيڪيٽوَ ڊائريڪٽر ھائير ايجوڪيشن ڪميشن، رجسٽرار، سيڪريٽري سينڍيڪيٽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ لاڳاپيل اختيارين ڏانھن پڻ اماڻي وئي آھي.