مٺي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند، پيادل مارچ، ڌرڻو، روڊ بلاڪ

0
288

مٺي (ن پ ا) مٺي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڪيترن ئي مهينن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند هجڻ خلاف باء پاس وٽان پيادل احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، شاهنواز هنڱورجو، زاهد گل اوٺو ، محمد نهڙيو پرشوتم ۽ لوڪ فنڪاره مريم ناز جي اڳواڻي ۾ نڪتل مارچ ۾ شھرين سان گڏ عورتون ۽ ٻارڙا به شريڪ هئا، مٺي باءِ پاس وٽان نڪتل احتجاجي مارچ شھر جي مختلف رستن تان گشت ڪندو ڪشمير چوڪ تي پهتو جتي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب شھر جا اڪثر رستا بلاڪ ٿي ويا، اڳواڻن خطاب ڪندي ڪچيو ته مٺي شھر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي 2 مهينن کان بند آھي، انتظاميه ٽينڪرز ذريعي پاڻي وڪرو ڪري رهي آھي، مٺي شھر جي سمورين ڪالونين ۾ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري عوام هڪ دفعو ٻيهر جر جو زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھي،هنن چيو آهي ته انتظاميه سياسي ڀوتارن ۽ ڪامورن کي ٽيڪرن ذريعي پاڻي پهچائي ٿي ۽ عوام پاڻي لاءِ دربدر آھي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ڪامورن جي نااهلي، اقرباپروري ۽ ڪرپشن جوسنڌ سرڪار نوٽيس وٺي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائي، مٺي جي 21 رهائشي ڪالونين جو پاڻي بند ڪري يزيديت جو مثال قائم ڪيو ويو آھي.