ڪراچي: مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر اسلم عقيلي جو مُدو به جنوري 2022ع ۾ يعني 7 مهينن بعد مڪمل ٿيندو، مُدو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي وائيس چانسلر اسلم عقيلي دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو، اڄ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلرن جي ٿيندڙ انٽرويو ۾ اسلم عقيلي به اميدوار آهي. واضح رهي ته دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر واري عهدي لاءِ 10اميدوارن جا انٽرويو اڄ ٿيندا.