ڪراچي: جناح سنڌ ميڊيڪل ورسٽي جو نئون وائيس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ 27 جون تي عهدي جي چارج سنڀاليندو، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو 8 سالن کان مقرر ٿيل وي سي ڊاڪٽر طارق رفيع جو مدو 26 جون تي پورو ٿيندو. جنهن بعد نئون مقرر ٿيل وائيس چانسلر امجد سراج ميمڻ 27 جون تي عهدي جي چارج سنڀاليندو.