حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ جي آبپاشي کاتي وٽ پاڻي جا گيج وٺڻ وارا جديد اوزار نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته مختلف بئراجن تي موجود اوزار يا ته پراڻا ٿي ويا آهن يا اهي جديد نه آهن جنهن جي ڪري بئراجن ۽ ڪئنالن تي پاڻي ماپڻ جي سلسلي ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. سنڌ حڪومت ارسا سان پاڻي جي معاملي ۾ وڏي جهيڙي کانپوءِ اڻڌرئي عالمي اداري کان پاڻي جا گيج ماپائڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، تڏهن آبپاشي انجنيئرن کي اوزار ياد آيا آهن. ”پنهنجي اخبار“ کي مليل دلچسپ معلومات مطابق آبپاشي کاتي جي ٻن چيف انجنيئرن آچر واري ڏينهن حيدرآباد ۾ ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر جي آفيس ۾ سيڪريٽري آبپاشي سليم رضا کهڙو جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ اهو انڪشاف ڪيو ته بئراجن تي گيج ماپڻ لاءِ اوزار موجود نه آهن ۽ نه ئي وري فني عملو موجود آهي. ذريعن موجب آبپاشي انجنيئرن جو اهو اجلاس منعقد ئي ان ڪري ڪيو ويو هو ته جيئن انجنيئرن کي پاڻي جا اصل گيج ماپڻ جون هدايتون ڪري سگهجن.اجلاس ۾ سيڪريٽري آبپاشي سليم رضا کهڙو انجنيئرن کي اها ڄاڻ ڏني هئي ته ارسا پاران پاڻي جا اڻڌريا انگ اکر سامهون آڻڻ لاءِ انٽرنيشنل واٽر مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جون خدمتون ورتيون ويون آهن ان ڪري ارسا کي پاڻي جا حقيقي انگ اکر موڪليا وڃن ته جيئن انگن اکرن ۾ گهٽ وڌائي سامهون نه اچي. ذريعن موجب ٻن سينيئر چيف انجنيئرن سيڪريٽري آبپاشي کي ڄاڻ ڏني ته بئراجن ۽ ڪئنالن تي جديد اوزار موجود نه آهن ۽ نه ئي وري عملو تربيت يافته آهي جنهن ڪري پاڻي جا گيج وٺڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون. ذريعن موجب هڪ سينيئر چيف انجنيئر دعويٰ ڪئي ته سندس بئراج تي نه رڳو اوزار موجود آهن پر تربيت يافته عملو به مقرر آهي ان ڪري کيس ان حوالي سان ڪا به پريشاني نه ٿيندي. واضح رهي ته چيف انجنيئر ريجن سطح تي مقرر هجن ٿا ۽ ساليانو ريجن کي ڪروڙين رپيا بجيٽ جاري ٿئي ٿي پر ان جي باوجود پاڻي ماپڻ جا جديد اوزار نه هجڻ تي سيڪريٽري تعجب جو اظهار ڪيو. گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري کي اهو ٻڌايو ويو ته اڳوڻن ٻن سيڪريٽرين بابر حسين آفندي ۽ مصطفيٰ جمال سيد جي دور ۾ 70 کان وڌيڪ آفيسر ۽ عملو تربيت لاءِ هالينڊ، ٿائلينڊ ۽ آمريڪا موڪليو ويو جن جي تربيت تي اداري ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا. هاڻي جڏهن معياري گيج وٺڻ واري صورتحال پيش آئي آهي تڏهن اهو جواز ڇو پيو ڏنو وڃي ته کاتي وٽ اوزارن ۽ تربيتي عملي جي کوٽ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏجاڻي ۾ بحث واري صورتحال کانپوءِ سيڪريٽري کي اجلاس ختم ڪرڻو پيو.