ڪراچي: جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ٿيل ڀرتين ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي سيڪريٽري تي لڳل الزامن جي به جاچ نه ڪئي وئي! ان حوالي سان ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ مبينا طور تي ٿيل غيرقانوني ڀرتين واري معاملي تي صحت کاتي جي اختيارين کي شڪايتون مليون هيون جن جي جاچ به شروع نه ڪئي وئي هئي، اهڙي طرح هيڪ چيئرمين پاران وڏي وزير ڏانهن اماڻيل خط ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز تي الزام لڳايا ويا هئا ته هُو وائيس چانسلر جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيندڙ اميدوارن جو رڪارڊ نه پيو ڏئي. اهڙي معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو هو پر اهڙي معاملي جي به جاچ ناهي ڪئي وئي.