مٺي (رپورٽر) مٺي ويجهو نوجوان ناري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ ساڪريو ڀيل ۾ 17 ورهين جي راجي ڌي هيمون ڀيل وڻ ۾ مبينا ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو ٽنگيل لاش لاهي مٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي آپگهات جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.