ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص لڳ 4 ٻارن جي ماءُ گھرو اڻبڻت تان زھريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب ڳوٺ ترڪ علي مري ۾ 4 ٻارن جي ماءُ شريمتي انيتا ميگهواڙ گھرو اڻبڻت تان گھر ۾ پيل زھريلي جيت مار دوا پي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، وارث عورت کي سول اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، عورت جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهيرام مچي ويو.