مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي جي وارڊ پنج جي رهواسي راجپوت برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهٽي جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو. ڪهاڙيون، لٺيون ۽ سروٽن جو آزاداڻو استعمال ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جا عدنان راجپوت، خرم راجپوت، نثار علي، علي بهادر جڏهن ته ٻي ڌر جا عبدالله عرف بابو ۽ فيصل راجپوت سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ٻنهي ڌار ڌار مٺياڻي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي، آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي.