مورو(ن پ ا) مورو ۾ ڪجهه وقت کان بس اڏي تي ھلندڙ ڏاھري ۽ عالماڻي برادري جي ٻن ڌرين جي تڪرار تيز ٿي ويو، جهيڙي سبب عالماڻي برادريءَ جا 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حاجي احمد عالماڻي، گلاب خان عالماڻي، گلزار عالماڻي، جان محمد عالماڻي، محمد سليم عالماڻي، رشيد احمد عالماڻي سان گڏ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته مورو باءِ تي اسان جي ذاتي ملڪيت دوڪان ۽ ھوٽل آھي جتي گذريل 30 سالن کان ڪاروبار ڪري رھيا آھيون ۽ بس اڏو پڻ ھلندڙ آھي ھنن الزام ھڻندي چيو ته اسان جي ملڪيت تي قبضي لاءِ بااثر شخص عبدالستار، خان ڏاھري ۽ صدام چانڊيو اسان کان ڀتي جي گھر ڪري رھيا آھن نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان مٿان حملو ڪري لٺيون لوھي سريا ۽ سروٽا ھڻي اسان جي 4 ماڻهن حاجي احمد خان عالماڻي، محمد بخش عالماڻي، علي مراد عالماڻي ۽ عبدالرشيد عالماڻي کي زخمي ڪيو آھي. ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته حملو ڪندڙ جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن امڪاني جھيڙي کي مُنھن ڏيڻ لاءِ پوليس انتظاميه پوليس مقرر ڪري پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آھي.