پنوعاقل (ن پ ا) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي فيصلي جي پنوعاقل ۾ خلاف ورزي ڪئي وئي آهي، شهر جي سڌوجا روڊ تي تاريخي قبرستان ۽ سرڪاري واھي تي مبينا طور قبضي جو انڪشاف ٿيو آھي، قبرستان جي زمين ۽ سرڪاري واھي تي مبينا طور قبضو ڪري دڪانون ۽ اسڪول جي اڏاوت شروع ٿي وئي آهي، ان حوالي سان مختيار ڪار پنوعاقل شاھنواز چارڻ ٻڌايو ته قبرستان جي زمين تي قبضي بابت کين علم ناھي، جاچ ڪريون ٿا، جڏھن ته اسڪول ۽ دڪانون تعمير ڪندڙ رحمت الله ڪلھوڙو ٻڌايو ته ھن زمين تنيا برادريءَ کان ڪرائي تي وٺي اسڪول جي تعمير شروع ڪرائي آھي، زمين قبرستان يا سرڪاري واھي جي آھي ان بابت علم ناھي، جڏھن ته زمين جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ شخص سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو، ياد رهي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي فيصلي موجب سنڌ ۾ جتي به قبرستانن تي قبضو ڪيل آھي جلد قبضا ختم ڪرايا وڃن.