ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ ڪمون شر ۾ مسوواھ جي آر ڊي 19 وٽ تيز رفتار لوڊر رڪشو ڊرائيورجي ڪنٽرول مان نڪري مسو واھ اندر ڪلٽي ٿي پيو، نتيجي ۾ رڪشا ۾ سوار هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا ٻڏي ويا، اطلاع تي ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا وڏي انگ ۾ پهچي ويا، جن 3 ڄڻن اشفاق شر، جانب ۽ نوجوان اسلام شر کي پاڻي مان ڪڍي بچائي ورتو آھي، جڏھن 9 ورهين جي لشڪري شر پٽ دائم شر ۽ 8 ورھين جي مائي ڊائي ڌيءُ اسلام شر جا لاش نه ملي سگهيا، ان حوالي سان نينگري مائي ڊائي شر جي والد اسلام شر ٻڌايو ته مسافر ڪم سانگي ڳوٺ کان مائٽن ڏانھن وڃي رھيا ھئا ته واقعو پيش آيو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته رات جو اونڌاھ ھجڻ ۽ مسو واھ ۾ پاڻي گھڻو ھجڻ سبب ٻارڙن جي ڳولا ۾ ڏکيائيون ٿي رهيون آهن، اطلاع باوجود ضلعي انتظاميا ڪابه مدد ناهي ڪئي، ايريگيشن جي عملدارن ۽ ڊي سي گھوٽڪي کي مسو واھ جا گيٽ بند ڪري پاڻي گھٽ ڪرڻ لاءِ چيو آھي پر پاڻي گھٽ ناھي ڪيو ويو، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻڏي ويل ٻارڙن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي، ٻي طرف 2 ٻارن جي مسوواھ ۾ لڙھي وڃڻ واري اطلاع تي سندن گھرن ۾ روڄ راڙو متل آهي.