ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي )سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي جي درخواست تي ٽڪ ٽاڪ ايپليڪيشن تي پاڪستان ۾ پابندي وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو، عدالت پي ٽي اي کي ٽڪ ٽاڪ بابت درخواستون جلد اڪلائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت چيو آهي ته پي ٽي اي ٽڪ ٽاڪ خلاف شڪايت ڪندڙن جي درخواستن تي 5 جولاءِ تائين فيصلو ڪري. ٻڌڻي دوران پي ٽي اي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي اي 30 جون تي پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ ايپ کي بند ڪري ڇڏيو هو، اسان شڪايت ڪندڙن تي درخواستن تي 5 جولاءِ تائين فيصلو ڪري ڇڏينداسين تنهنڪري ٽڪ ٽاڪ تان پابندي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، جنهن تي عدالت ٽڪ ٽاڪ ايپ تي لڳايل پابندي وارو فيصلو واپس وٺندي درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 5 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 28 جون تي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي هڻڻ جو حڪم ڏنو هو. پي ٽي اي پابندي واري آرڊر کي واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي هئي.