لاڙڪاڻو/گمبٽ/سلطانپو (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، لاڙڪاڻو، گمبٽ ۽ سلطانپو ۾ وڌيڪ 26 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي ٿي پيا. خبر موجب لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن وڌيڪ 23 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ صنم، خادم، محمد بخش، محمد جمن، علي گل، اختيار، ياسر جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن، گمبٽ ۾ رولو ڪتن 2 معصوم ٻارڙن سميت 3 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ 10 سالن جو راشد علي اڄڻ، 10 سالن جو محمد ايوب ۽ 30 سالن جي مسمات منيره خاتون شامل آهن. سلطانپور ڀرسان ڳوٺ جلال انڍڙ ۾ رولو ڪتن مالوند عبدالواحد پھوڙ جي 2 ٻڪرين ۽ اٺ جي ٻچي کي چڪي ماري ڇڏيو.