ميرپورساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪري ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم تي مختيارڪار پاران سولنگي شادي ھال ڀرسان بچت بازار لڳائي وئي، بچت بازار مان مڇي وڏو گوشت ننڍڙو گوشت مرغي ۽ سبزي غائب ھئي، ان حوالي سان شھرين قادر جوڻيجو، عبدالرزاق ڪلمتي، ذوالفقار بلوچ، ساگر شيخ ۽ ٻين ٻڌايو ته بچت بازار مان عوام کي ڪو به رليف نه ملندو، بچت بازار ۾ دڪانن وارا ساڳيا ريٽ آهن، بازار شهر کان پري هجڻ ڪري غريب ماڻهو پهچي به نه ٿا سگهن، ٻي طرف مختيارڪار گدا حسين سومري موجب ته شھر ۾ ريٽ لسٽن تي تحت شيون وڪڻڻ جو واپارين کي پابند بڻايو آهي، بچت بازار ۾ مڇي ۽ گوشت وارا ضرور ايندا.