ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ پ ٽ الف پاران نون ڀرتي ڪيل استادن کي 10 مھينن کان پگھارون جاري نه ٿيڻ ، استادن کي اپگريڊ نه ڪرڻ ، جبري بدليون ۽  تعليم کاتي اندر ڪرپشن خلاف  اسڪول وقت کان ھڪ ڪلاڪ اڳ تدريسي عمل جو بائڪاٽ ڪرڻ بعد  اعجاز چانڊيو ، عادل چانڊيو ، طاھر ڀٽي ، اعجاز منگي ، ابراھيم جھتيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو  ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته تعليم کاتي ۾ ڪرپشن سبب استادن جي مسئلا حل نه پيا ٿين، جائز مطالبا حل ڪيا وڃن.