ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ۾ شٽرنگ جو ڪم ڪندڙ پورھيت دل جو دورو پوڻ سبب فوت، خبر موجب جيڪب آباد واسي 50 ورھين جو حاجي سھڻو خان پنھور تعمير ٿيندڙ گھر ۾ شٽرنگ جو ڪم ڪري رھيو ھو ته اوچتو سندس طبعيت خراب ٿي وئي ۽ هو ڪري بيهوش ٿي ويو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته ھن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.