ڪرمپور/چڪ (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي+آزاد انور مهر) سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اغوا جي وارداتن ۾ اضافو، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعا اغوا وارداتن جو مرڪز بڻيل، 15 مغوي ڌاڙيل وٽ قيد، سندن گهرن ۾ سوڳ ڇانيل، عيد جون تياريون نه ٿي سگهيون، پوليس بيوس بڻيل. خبر موجب اتر سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اغوا جي وارداتن ۾ اضافو اچي ويو آهي، هن وقت شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعا اغوا وارداتن جو مرڪز بڻيل آهن، وارداتن جي مرڪز طور مشهور ڳڙهي تيغو ۽ شاهه ٻيلي ۽ ڪشمور جي ڪچي وارن علائقن ۾ شروع ڪيل آپريشن بعد عارضي طور بحال ٿيل امن امان جي صورتحال هڪ دفعو ٻيهر خراب ٿيڻ لڳي آهي، پنهنجي اخبار پاران گڏ ڪيل انگن اکرن موجب ٻن ضلعن جي حدن مان ساڍن چئن مهينن دوران 63 ماڻهو اغوا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته هن وقت به 15 ڄڻا ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن. تازو شڪارپور ضلعي جي چڪ واري علائقي مان اغوا ٿي ويل ڳوٺ ڀرڪڻ واسي محمد طاهر ميئو، ڳوٺ فريدآباد واسي سونهارو پهوڙ، سيپڪو آفيسر عبدالمجيد سرڪي، ٺل واسي اسلم کوسو، خانپور جا 4 مغوي واجد سيٺار، عمران گولو، عابد گولو، اسامه سيٺار، خيرپور واسي محمد نواز پنهيار ۽ مظهر جعفري، ڪنڌڪوٽ واسي 3 ڄڻا غلام سرور بروهي، نواب علي ۽ عابد مهمداڻي، ڪرمپور واسي پارڪو ڪمپني ملازم حفيظ بجاراڻي ۽ ميگهواڙ برداري جا نوجوان تاراچند ۽ موهن لعل سميت مجموعي طور 15 ڄڻا هن وقت ڌاڙيل جي چنبي ۾ آهن، مغوين جي گهرن ۾ عيد مٿان هجڻ باوجود عيد تيارين بدران ڪهرام متل آهي. پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا چيو ته مسڪين پورهيتن کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪبو، اغوائن جي واقعن ۾ ٿيندڙ پوليس ڊيل بابت سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پوليس خلاف ان قسم جي منفي پروپئگنڊا پراڻي آهي، قانون جي رٽ کي چيلينج ڪندڙن کي قانون موجب ئي منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته شڪارپور جي ڪچي مان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيا، انشاالله تمام جلد پوليس کي ڪاميابي ملندي.