خيرپور (رپورٽر) ٻه هفتا اڳ پراسرار نموني لاپتا ٿي ويل فيض آباد ڪالوني جو نينگر حذيفا پٽ ثناءُ الله مڱڻيجو ايڌي سينٽر ڪراچي پهچي ويو. ايڌي سينٽر جي انتظاميا پاران نينگر جي وارثن سان رابطو ڪرڻ بعد نينگر جا وارث کيس وٺڻ لاءِ ڪراچي روانا ٿي ويا. واضح رهي ته حذيفا مڱڻيجو خيرپور جي پنجهٽي واري علائقي ۾ قائم مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪندو هو جِتان واپس گهر اچي رهيو هو ته پراسرار نموني لاپتا ٿي ويو هو نينگر جي وارثن پاران سندس گمشدگي بابت ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي هئي.