ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سان بحري معاملن واري وفاقي وزير فيصل سبزواري ڪالهه گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران واپار، موسمياتي تبديلي ۽ وزارت تحت ڪيل انتظامن  ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته عالمي واپار جو وڏو مدار سامونڊي رستن تي آهي،  پاڪستان جو به وڌ کان وڌ واپار سامونڊي رستي ذريعي ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾ بحري معاملن واري وزارت جي ڪارڪرگي واکاڻ  جوڳي آهي. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ رکندي گڏيل حڪمت عملي اهم ثابت ٿيندي، ان سلسلي ۾ اسٽيڪ هولڊرز جي صلاح مشوري سان انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. وفاقي وزير فيصل سبزواري چيو ته عالمي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ  ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن سماجي اڳواڻ صارم برني ۽ واپارين جي هڪ وفد عرفان شيخ جي اڳواڻي ۾ گورنر سان ملاقات ڪئي.