اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نور محمد مسڪان زئي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي نور محمد مسڪان زئي جي گهرڀاتين سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته بلوچستان ۾ اهڙي بي رحماڻي ۽ انتهائي مذمت جوڳي قدمن جو مقصد افراتفري ڦهلائڻ ۽ عوام کي ڊيڄارڻ آهي، وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان مطابق شهباز شريف وڌيڪ چيو ته عوام ۽ ادارا دهشتگردي جو خاتمو ڪري ئي ساهه کڻندا، نور محمد مسڪان زئي جي قانون ۽ انصاف جي شعبي ۾ ڪيل خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا، الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق ڏئي.