جوهانسبرگ (ڊيسڪ رپورٽ) اتر موزمبيق جي پالما واري علائقي ۾ هڪ حملي ۾ 12 پرڏيهين جا سر قلم ڪيا ويا ، جنهن لاءِ داعش ذميواري قبول ڪئي آهي. ڪمانڊر پيڊرو ڊسلوا صحافين کي ٻڌايو ته هو 12 ماڻهن جي قوميت بابت يقين سان نٿو چئي سگھي پر هو اڇي چمڙيءَ جا هجڻ سبب پرڏيهي هئا. هڪ ٽيليويزن چينل تي نشر ٿيل وڊيو ۾ هن چيو ته ، ”انهن ماڻهن جا هٿ پير ٻڌي سندن سر قلم ڪيا ويا پوءِ کين دفنايو ويو.” داعش 2017 کان اتر موزمبيق جي ڪئبو ڊيلگوڊو صوبي ۾ سرگرم آهي ، جتي پالما جو شهر واقع آهي، جيتوڻيڪ اهو واضح ناهي ته انهن جو حدف ڇا آهي. ڏکڻ آفريڪا ، زمبابوي ۽ بوٽسوانا سميت ٻين ملڪن جي علائقائي اڳواڻن موزمبيق جي گادي واري شهر ميپوٽو ۾ ڪالهه ملاقات ڪئي ۽ تشدد جي وڌندڙ لهر کي روڪڻ وارن اپائن جو جائزو ورتو ويو.