واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي خزاني واري کاتي نوشهره جي هڪ ٽريول ايجنسي کي ٽرانزيشنل ڪرمنل آرگنائيزيشن (ٽي سي او) جڏهن ته ان جي سربراهه ۽ ٽن ساٿين کي ڏوهاري ڪاررواين جو سهولتڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. انهي حوالي سان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ، آفيس آف فارن اسيٽس ڪنٽرول (OFAC) جو چوڻ هو ته عابد علي خان ٽي سي او ، نوشهره ، پاڪستان جي هڪ انساني سمگلنگ جي تنظيم آهي جنهن غير ملڪي شهرين کي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ نشانو بڻايو ۽ غيرقانوني سمگلنگ ۾ سهولتڪاري فراهم ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۾ آيل ماڻهن ۾ “پرڏيهي شهري شامل آهن جيڪي آمريڪا جي قومي سلامتي يا ان جي مفادن لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا.”
ڊپارٽمينٽ اهو به چيو ته اهي فرد ۽ انهن جون ايجنسيون اٽڪل 2015 کان لاطيني آمريڪا ذريعي مختلف رستا استعمال ڪري رهيون آهن. قائم مقام آمريڪي اسسٽنٽ اٽارني جنرل نيڪولس ميڪيڊ چيو ته ”عابد علي خان مبينا طور تي وڏي پئماني تي اسمگلنگ تنظيم کي منظم ۽ اڳواڻي ڪري ٿو جيڪا ماڻهن کي مختلف ملڪن ۽ آمريڪا ۾ سمگل ڪري ٿي. OFAC عابد علي خان جي ٽن ساٿين کي به انساني سمگلنگ ۾ ملوث هجڻ جي لاءِ نامزد ڪيو آهي ، جن ۾ ريدي حسين ڪلائنٽس سان رابطن، سفري سهولتن جي حاصلات ۽ جعلي دستاويز حاصل ڪرڻ ۾ هن جو سيڪريٽري آهي. ان کان علاوه ، هڪ پاڪستاني شهري شڪيل ڪريم ، مهاجرن کي پنهنجي سفر ۾ مدد ڏيڻ لاءِ دوست ٽريول اِن پرائيويٽ لميٽيڊ جو ملازم آهي. ان کانسواءِ ٻيون پاڪستاني شهري ، چوڌري اڪرام وڙائچ وچ اوڀر ۾ عابد علي خان جي رابطن لاءِ ۽ آمريڪا ۾ سفري سهولتن لاءِ ڪم ڪندو آهي.