مورو: ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار ڏاڏو ۽ پوٽو فوت: لاش رکي ڌرڻو: ڀڃ ڊاهه

0
230
قلعه سيف الله ۾ ڌماڪو، 10 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي
قلعه سيف الله ۾ ڌماڪو، 10 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

مورو ويجهو ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار ڏاڏو ۽ پوٽو فوت ٿي ويا، وارثن لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو

پوليس موجب قومي شاهراهه تي حادثو پيش آيو، ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ قادر بخش جيسر ۽ سندس 8 سالن جو پوٽو مشتاق جيسر فوت ٿي ويا

فوتين جي وارثن قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي،پوليس ٽرالر ڊرائيور جي گرفتاريءَ جي خاطري ڪرائيندي ڌرڻو ختم ڪرايو

پوليس فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، فوتين جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ تي وارثن ٻيهر احتجاج ڪيو، جنهن دوران مظاهرين ۽ اسپتال عملي ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي، ڏند چڪ بعد اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه جا به الزام هنيا ويا آهن

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ زال تي تشدد ڪندڙ جوابدار وڊيو وائرل ٿيڻ بعد گرفتار