ڪراچي ۾ زال تي تشدد ڪندڙ جوابدار وڊيو وائرل ٿيڻ بعد گرفتار

0
206

ڪراچي ۾ مڙس پاران زال تي تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي

پوليس موجب وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پي ٽي وي سوسائٽي ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران جوابدار گوپال کي گرفتار ڪيو ويو

تشدد جو شڪار عورت به مڙس سان گڏ ٿاڻي تي پهچي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته عورت سونيا موجب هوءَ فون تي ڳالهائي رهي هئي ته مڙس کيس ڏٺو

پوليس موجب عورت جي مڙس کي شڪ ٿيو ته ڪنهن ٻئي مرد سان فون تي ڳالهائي رهي آهيان، جنهن تي مٿس تشدد ڪيو، عورت موجب هُن مڙس کي معاف ڪري ڇڏيو آهي