مورو (ن پ ا) مورو شھر جي امين آباد ڪالوني مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل نينگري فوزيه ڌيءُ‌َ عبدالله ڪلھوڙو کي مورو پوليس نوشهروفيروز ۾ ڇاپا ھڻي بازياب ڪرائي جوابدار مسعود ڀٽ کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي مورو ٿاڻي تي آندو ويو. ايس ايچ او مورو ٻڌايو ته مورو شھر جي امين آباد ڪالوني جي رھواسي عبدالله ڪلھوڙو اسان وٽ فرياد داخل ڪرائي هئي ته اسان جو ڀٽ برادري جي شمن ڀٽ وارن سان ويجھو قرب ھو جن مون کان نياڻي فوزيه جو رشتو گھريو ۽ مون وقت گھريو جنھن تان هو ڪاوڙجي ويا ۽ ھٿيارن جي زور تي نياڻي کي اغوا ڪري کڻي ويا ۽ اھڙي ايف آءِ آر 4 ڄڻن مٿان داخل ڪرائي ۽ ڄاڻايو ته منھنجي ڇوڪري کي شمن ڀٽ پنھنجي پٽن مسعود، مھتاب، صدام ڀٽ سان گڏجي اغوا ڪيو آھي جنھن تي اسان ڇاپا ھڻي نينگريءَ کي بازياب ڪرايو آھي ۽ ھڪ جوابدار مسعود ڀٽ کي گرفتار ڪيو آھي. بعد ۾ بازياب ڪرايل فوزيه ڪلھوڙو کي مورو جي عدالت سڳوري ۾ پيش ڪيو ويو جنھن کي عدالت سڳوري بيان بعد مائٽن حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن تي مائٽن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي جڏھن ته گرفتار جوابدار کي پڻ عدالت م پيش ڪيو ويو جنھن کي عدالت سڳوري جيل موڪلي ڇڏيو.