ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپور ماٿيلو جي نائچ ڪالوني ۾ هڪ جاءِ مان ڳوٺ بھرام جلباڻي واسي رٽائرڊ استاد محمد بخش جلباڻي جو ھڪ ڏينھن پراڻو لاش ھٿ آيو آھي، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتان وارثن حوالي ڪيو ويو، آفتاب جلباڻي جو چوڻ ھو ته والد 2 ڏينھن اڳ گھران نڪتو هو، جنھن جو لاش پنھنجي جڳهه مان مليو آھي، ھن چيو لاش مٿان تشدد جو نشان آھن، خدشو آھي ته بابا کي قتل ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن ايس ايچ او ميرپورماٿيلو ٻڌايو ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي جاچ ڪري رھيا آھيون.