گڊو (ن پ ا) ملڪ ۾ برساتن بعد سنڌو درياءَ جي سطح ۾ واڌ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾70 ھزار ڪيوسڪ جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، ان ڏس ۾ آبپاشي کاتي جي انگ اکرن موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھون وھڪرو هڪ لک 81 ھزار 253 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو هڪ لک 38 ھزار 119 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ماهرن موجب جيڪڏھن برساتن جو سلسلو جاري رھيو ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ اڃا به 50 ھزار ڪيوسڪ واڌ اچي سگهي ٿي، جنهن بعد گڊو بئراج وٽ ننڍي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ٿيڻ جا امڪان آهن.