ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته ڪراچي ۾ گندگي جي ڍير لڳي چڪا آهن، انتظاميا قرباني جي جانورن جو اڇلايل گند ( اوجهه) کڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين سمورا شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن، مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ناڪام ٿي چڪو آهي سنڌ حڪومت ۾ هوندي ڪراچي مان گندگي کي صاف نه ڪري سگهيو، هو ايڊمنسٽريٽر ٿي ڪهڙا ڪارناما انجام ڏيندو؟ ڪالهه پنهنجي رهائشگاه تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 13 سالن ۾ 8900 ارب روپيا خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ جو عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي. پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ گڏجي ڪشمير اليڪشن جون حالتون خراب ڪرائي سگهن ٿيون، 25 جولاءِ 2021ع تي پي ٽي آءِ ڪشمير ۾ فتح يقيني آهي، گيلپ سروي موجب 67 سيڪڙو ڪشميري عوام عمران خان کي پنهنجو پسنديده ليڊر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ منشيات جو ڪاروبار پوليس سرپرستي هيٺ هلي رهيو آهي، پوليس جي گاڏين مان چرس ۽ هيروئن هٿ اچڻ بعد واضح ٿي چڪو آهي ته پوليس منشيات فروشن جي سرپرست بڻيل آهي، سرور راهوپوٽو جي موبائل مان 67 ڪلو چرس مليو، نوري آباد مان پوليس آفيسر وٽان 5 ڪلوچرس مليو. ميرپورخاص جي پوليس آفيسر جي گاڏي مان هيروئن هٿ آئي، اينٽي نارڪوٽڪس وارن اڳ ۾ ميرپورخاص ۾ پوليس آفيسر جي گهران اربين رپين جي منشيات هٿ ڪئي هئي.هن چيو ته وفاق ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان لاءِ 625 ارب رپيا ڏنا آهن، جڏهن ته ڪي 4 منصوبو واپڊا حوالي ٿي چڪو آهي، جلد ڪراچي جي عوام کي گهرن تائين پاڻي پهچايو ويندو.