ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾ دير آدمشماري سبب ٿي آهي، آدمشماري کي تڪراري بڻائڻ جا ذميوار وفاقي حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم آهن، جن تڪراري آدمشماري کي پارليامينٽ ۽ سي سي آءِ کان منظور ڪرايو. ڪشمير جي چونڊ ۾ ڌانڌلي ٿي ته ڪشمير ڪاز کي ناقابل برداشت نقصان ٿيندو. ايندڙ مڪاني چونڊن ۽ ڪينٽونمينٽ بورڊن جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سرپرائيز ڏيندي. ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اڳوڻي نائب صدر نجيب ولي جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ واري تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته نجيب ولي جي شموليت بعد پيپلز پارٽي کي وڌيڪ فعال بڻائي سگھنداسين. 12 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ڪينٽونمينٽ بورڊن جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي اميدوار بيهاري ڪاميابي حاصل ڪندي. ماضي ۾ ڪنهن جي ڪلهن تي چڙهي ڪاميابي ماڻيندڙن کي عوام سڃاڻي ورتو آهي. ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي سميت سمورن ضلعن جا ميئرز ۽ چيئرمين پيپلز پارٽي جا هوندا. هن چيو ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ سنڌ حڪومت نه پر اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، هن چيو ته ڪورونا صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، سنڌ حڪومت به تيزي سان قدم کڻي پئي. سعيد غني چيو ته انهي ڳالهه ۾ ڪا صداقت ناهي ته اسپتالن ۾ مريضن جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي، اسپتالن ۾ وينٽيليٽر ۽ بسترا موجود آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته لوڪل گورنمينٽ جي قانون موجب چونڊل چيئرمينز جو مُدو مڪمل ٿيڻ بعد ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري سياسي به ٿي سگھي ٿي، ڪنهن آفيسر کي به ايڊمنسٽريٽر طور مقرر ڪري سگھجي ٿو، قانون سرڪار کي اهو اختيار ڏئي ٿو، هن وقت ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر طور سرڪاري آفيسر ۽ سمورن ڊي ايم سيز ۾ ڊپٽي ڪمشنرن کي ايڊمنسٽريٽر جون چارجون مليل آهن. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب سنڌ ڪابينا جو حصو آهي، هو ذميواري سان ڪم ڪري رهيو آهي. ٻين جماعتن کي سندس نالي تي ڪو اعتراض آهي ته اسان کي انهي جي پرواھ ناهي، هن چيو ته ڪورونا صورتحال سبب تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي پر امتحاني شيڊيول کي برقرار رکيو ويوآهي، اسان جي ڪوشش آهي ته انٽر جا امتحان مڪمل ايس او پيز تحت ٿين.