ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ گيس پيدا ڪري ڏيندڙ سنڌ ۾ گيس جو بحران

0
376
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

توانائي دنيا جي ترقي جو سڀ کان وڏو وسيلو آهي. جيڪا قدرتي وسيلن ۽ معدنيات مان حاصل ٿيندي آهي، توانائي ۾ تيل، گيس، ڪوئلو، بجلي وغيره شامل آهي. بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ته پاڻي، ڪوئلو، تيل، هوا، سج جي روشني، واري، زمين ۽ ٻيون شيون استعمال ڪيون وينديون آهن. جڏهن ته تيل ۽ گيس اهڙيون شيون آهن جيڪي زمين مان ملنديون آهن. عالمي ادارن جا جاري ڪيل انگ اکر ٻڌائين ٿا ته پاڪستان پاڻ 14 لک 54 هزار 978 ملين ڪيوبڪ فوٽ يا ايم ايم سي ايف گيس پيدا ڪندو آهي، پاڪستان جو دنيا جي گيس پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ 26هون نمبر آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ گيس جي کپت 14 لک 36 هزار 261 ايم ايم سي ايف آهي ۽ گيس کپائيندڙن ۾ پاڪستان جو نمبر 21هون آهي. 48هزار 382 ايم ايم سي ايف گيس ٻاهران گهرائي ويندي آهي. عالمي رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾گيس جا ڪل ذخيرا هڪ ڪروڙ 91 لک 58 هزار ايم ايم سي ايف جا آهن، ۽ موجوده استعمال جي شرح سان پاڪستان جا گيس جا ذخيرا باقي 12 سال هلندا. ٻئي طرف ملڪي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سنڌ اندر سڀ کان وڌيڪ گيس پيدا ٿيندي آهي. ٻئي نمبر تي بلوچستان آهي، سنڌ ۽ بلوچستان گڏجي پاڪستان جي گيس جو 94 سيڪڙو پيدا ڪندا آهن. ايتري پيداوار ڏيڻ باوجود سنڌ کي سندس حصي جي گيس نه پئي ڏني وڃي. ملڪ جو آئين اهو چوي ٿو ته گيس تي سڀ کان پهريون حق ان جي پيدا ڪندڙ صوبي جو آهي، صوبي جي ضرورت کان وڌيڪ گيس هوندي ته پوءِ ٻين صوبن کي ڏني ويندي. انگ اکر ٻڌائين ٿا ته سنڌ ۾ گيس جي ڪل کپت 38 سيڪڙو آهي جڏهن ته پنجاب جي 51 سيڪڙو آهي. پر سنڌ کي پنهنجي حصي جي گيس به نه پئي ڏني وڃي ۽ ٻين صوبن خاص طور تي پنجاب کي گيس ملندي آهي. سنڌ ۾ گيس جو بحران ايترو ته آهي جو گهرن ۾ سانجڻ پاڻي لاءِ به گيس ناهي هوندي جڏهن ته ٻين صوبن ۾ گيس ڪارخانن کي ڏني ويندي آهي. اهو به ظلم آهي ته سنڌ ۾ ڪالهه کان سي اين جي اسٽيشنون بند ڪيون ويون آهن ۽ ان جو مک سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته گيس جي کوٽ آهي، ان ڏس ۾ سي اين جي ايسوسئشن جو چوڻ آهي ته سوئي سدرن گيس ڪمپني پاران سي اين جي اسٽيشنن کي گيس جي فراهمي ڪالهه صبح کان بند ڪئي وئي آهي. جيڪا سومر جي صبح جو ٻحال ڪئي ويندي. يعني سڄا سارا 2 ڏينهن صوبي ۾ سي اين جي نه ملندي ۽ ماڻهن کي ٻين ٻارڻن تي گذارو ڪرڻو پوندو. ان وچ ۾ جيڪي ماڻهو بيروزگار ٿيندا ان جو فڪر ڪنهن کي به نه آهي. حڪومت کي 3 سال ٿي ويا آهن پر گيس جي حصي جي فراهمي کي يقيني ناهي بڻايو ويو، سندن زور رڳو ان ڳالهه تي آهي ته سنڌ سي اين جي بدران آر ايل اين جي خريد ڪري ۽ ماڻهن کي مهانگي گيس فراهم ڪري. پر سوال اهو آهي ته جيڪو صوبو پنهنجي کپت کان وڌيڪ گيس پيدا ڪري ٿو ته اهو آر ايل اين جي ڇو خريد ڪري؟ اها نوازش ٻين صوبن تي ڪئي وڃي پر سنڌ کي پنهنجي حصي جي گيس ڏني وڃي. اسان جو مطالبو آهي ته سنڌ حڪومت به پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪري ۽ پنهنجي رهواسين کي مڪمل گيس جي فراهمي يقيني بڻائي ۽ باقي جيڪا بچي ٿي اها به وفاق جي حوالي ڪرڻ بدران ذخيرو ڪري ته جيئن ان کي کوٽ وارن ڏينهن ۾ استعمال ڪري سگهجي. حڪومت آئيني اختيار استعمال هن وقت استعمال نه ڪندي ته پوءِ ڪڏهن ڪندي؟