ملڪ کي روشن ڪندڙ شهر اسلامڪوٽ لوڊشيڊنگ حوالي!
ڪوئلي مان بجليءَ وسيلي ملڪ کي روشن ڪندڙ ۽ وڌيڪ بجلي جي پيداوار تي تيزيءَ سان جاري ڪم باوجود ڪوئلي جو حب سڏيو ويندڙ اسلامڪوٽ مڪمل لوڊشيڊنگ حوالي آهن، جنهن سبب  شهر ۾ بجلي بلن جي رڪوري سئو سيڪڙو مڪمل هجڻ باوجود ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند هجي ٿي. اسلامڪوٽ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 15 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند رهي ٿي، ٿر مان ڪوئلي جي پيداوار ۽ بجلي چالو ٿيڻ بعد ٿرواسين اميد ظاهر ڪئي هئي ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ مان جان آجي ٿيندي پر ايئن ٿيڻ پري جي ڳالھ ماڳهين ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند رهندڙ بجلي شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت پاران سئو سيڪڙو رڪوري بعد لوڊشيڊنگ کان آجا قرار ڏيڻ ۽ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي ڏنل حڪمن کي حيسڪو عملدارن مڪمل طور تي ٿڌي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڏينهن ۽ رات بجلي بند هجڻ ڪري شهر رات وقت اونداهي ۾ ٻڏل رهن ٿا، بجلي نه هجڻ ڪري بجلي تي هلندڙ ڪاروبار مڪمل طور تي تباھ ٿي ويو آهي، ننڍا وڏا ڪاروبار متاثر ٿيڻ ڪري هزارين پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن. ٿرڪول بلاڪ ٽو مان روزاني 660 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ اسٽيشن ڏانهن منتقل ٿئي ٿي، عيوض ۾ مفت ته پري جي ڳالھ پر لوڊشيڊنگ فري علائقو به قرار ناهي ڏنو ويو. ٿرپارڪر ضلعي کي اندازي موجب روزاني صرف 15 ميگاواٽ بجلي جي ضرورت پوي ٿي، جڏهن ته اسلامڪوٽ تعلقي جي 545 صارفن کي سئو سئو يونٽ مفت ملن ٿا، جبهن جو بل سنڌ حڪومت ادا ڪري ٿي. اسلامڪوٽ ۾ لوڊشيڊنگ سبب پاڻي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي، بجلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ هجي نه ٿي ۽ اچڻ وقت وولٽيج گهٽ هجڻ توڙي جهٽڪن سبب موٽر سڙي ويندا آهن. لوڊشيڊنگ ۽ مڇرن جي آزار سبب شهرين جون ننڍيون حرام ڪري ڇڏيون آهن، ڊگهي لوڊشيڊنگ باوجود واپارين سميت شهرين توڙي سول سوسائيٽي جي ماڻهن احتجاج ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي آهي.
سجاول بجير/اسلامڪوٽ
هڪ چٺي ايس ڊي او واپڊا جي نانءُ!
جناب ايس ڊي او، جهڙيءَ ريت رتوديرو شهر ۾ سخت گرميءَ جي باوجود لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ان مان ته توهان واقف ئي ھوندا، شايد ئي ڪو دوست هجي جنهن واپڊا وارن خلاف نه لکيو هجي انهن مان آئون به هڪ آهيان، آخر ڪهڙا ڪارڻ آهي جو زندگي گذري وئي آهي پر رتيديري شهر ۽ ملڪ مان بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪو نه ٿيو آهي! ڪجهه وقت اڳ واپڊا انتظاميا جي محنت سان ڪيبل سسٽم متعارف ڪرايو ويو هو، ھر شخص کي پابند بڻايو ويو ھو ته ميٽر لڳرايو، جنهن کان پوءِ هتان جي ماڻهن نه چاهيندي به هر گهر، هر دڪان تي ميٽر لڳرايا ويا، ٿورڙي ئي عرصي ۾ رزلٽ تمام بهتر اچڻ لڳر، لوڊشيڊنگ سڄي شهر ۾ نه جهڙي ٿيندي هئي، ھاڻي في ٽرانسفارمر تي مقرر ٿيل ايجنٽ جي هڪ مهيني جي آمدني گهٽ ۾ گهٽ  هڪ لک رپيا آهي، پوءِ رتيديري سميت ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ ڪيترا ٽرانسفارمر آهن، انھن سان هڪ لک کي ضرب ڪجي ته اوهان کي واپڊا جي اداري تي لڳندڙ ڌاڙي جو جواب ملي ويندو. ڪاش اهو ڪم واپڊا وارا پاڻ ڪن ٿا، في گھر کان ڪنڊي بل جا پئسا ورتا وڃن ها ته نه ادارو خساري ۾ وڃي ها نه ئي شهر ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار ٿئي ها پر شايد هتان جا واپڊا وارا پاڻ ئي نٿا چاهين ته ايئن ٿئي نه ته ڪيئن ممڪن آهي ته ادارن جي هوندي ايجنٽ لکين رپيا هر مهيني ڪمائي پنهنجا کيسا ڀرين. اهي به انھن کان جيڪي غربت مهانگائي ۽ بيروزگاري مٿان ڪرونا سبب لاڪ ڊائون جي ڪري عذاب جي زندگي گذاري رهيا آهن.
ثقلين حيدر/رتوديرو
واهي پانڌي کان اولھه طرف کيرٿر جبل تفريحي ماڳ بڻجي سگهي ٿو!‎‎
واهي پانڌي جي اولھه طرف کيرٿر جابلو سلسلو مڪمل طور تي تفريح جو ذريعو بڻجي سگھي ٿو، جتي اوهان کي هر طرف فطري حسن جا جلوا پسڻ لاءِ ملندا، آلودگيءَ کان پاڪ خاموش ۽ پرفضا ماحول، جابلو نئين جا وهڪرا، قدرتي آبشار، اونهي پاڻي جا ڪنب ۽ انهن ڪنبن ۾ موجود مختلف قسمن جي مڇيون، قديم دور جا جبلن تي ٿيل نقشنگاري، چوپائي مال جون چراگاهون، ڄاڱوري ٻير، پيرون ۽ ٻيا خوبصورت ٽڪر ان کيرٿر جابو سلسلي جي سونهن ۾ اضافي جو سبب بڻيل آهن پر بدقسمتيءَ سان سنڌ سرڪار توڙي سياحت کاتي جي عدم دلچسپي سبب هن علائقي کي سرڪاري سطح تي ڪا پذيرائي حاصل ٿي نه سگهي آهي، نه رستي جي لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ويا آهن نه ڪي ٻيون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتيون ويون آهن، ان هوندي به دادو ضلعي جي مختلف شهرن توڙي ملڪ کان ٻاهران ڪيترائي نوجوان سير و تفريح لاءِ هتي اچن ٿا، جيڪڏهن سرڪاري چاهي ته هي علائقو مڪمل طور سيرو تفريح جو هڪ اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو. جنهن سان علائقي واسي روزگار سان لڳي سگهن ٿا.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
ھڪ ڀڳل روڊ جي مرمت جي اپيل!
ٻن شاھڪار ضلعن سانگھڙ ۽ عمرڪوٽ کي ڳنڍيندڙ عمرڪوٽ کان کپرو روڊ جنهن جو ڪل مفاصلو تقريبن 80 ڪلوميٽر آهي، جنهن جي حالت انتھائي زبون ٿي وئي آهي، جڏهن به روڊ تي سفر لاءِ نڪرجي ٿو ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ته روڊ ۾ کڏا نه پيا آھن، پر روڊ ئي کڏن جو ٺھيل ھجي. اتي جيڪڏھن ڪنھن مريض سان ڪا ايمرجنسي ٿي پوي ته روڊ جي کڏن جي ڪري ان کي جلد اسپتال به نه پڄائي سگھبو آهي، هتان جا رھواسي گذريل 5 مھينن کان سراپا احتجاج بڻيل آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي سُري، ھر ٻئي ڏينهن ھن روڊ تي حادثا پڻ معمول بڻيل آهن، روڊ 30 سال پھرين ٺھيو ھو، ان بعد ھڪ ڀيرو به روڊ جي ٻيھر مرمت نه ڪئي وئي آهي، اسان جي ڳوٺ کان تقريبن اڌ ڪلاڪ جو سفر عمرڪوٽ تائين گاڏي جو آهي پر اتان عمرڪوٽ پڄندي ٻه کان اڍائي ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا، تنھنجي ڪري اسان جو سانگھڙ ۽ عمرڪوٽ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو آھي ته عمرڪوٽ کان کپرو روڊ ٺھرائي ڏنو وڃي ته عوام جي آزار مان جان ڇُٽي سگھي.
مير مظھر/ڀٽ ڀائٽي
ھڪ غلطي جو احساس!
اسان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پياري دوستن ۽ مِٽن مائٽن جي اھڙي ته دل آزاري ڪندا آھيون جو اھي اسان کي بنان ڪجهه ڪڇئي پنهنجي دل ۾ ئي الودا چئي ايئن ھليا ويندا آهن ڄڻ ته اھي اسان جي زندگيءَ جو ڪڏهن حصو ئي نه ھئا، مان به پنهنجي ڪجهه پيارن دوست جي دل آزاري ڪئي آهي ۽ مان انهن کان معافي وٺي ايئن به نٿو چئي سگهان ته ھاڻي توهان منهنجي زندگيءَ ۾ واپس اچو، مان ھاڻي بدلجي ويو آھيان ۽ مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو آهي يا ايئن چوان ته مون کي پنهنجن ۽ پراون جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. ھڪ غلطي جيڪا اڻڄائيءَ ۾ ٿي مان بھترين دوستن جو ڀروسو وڃائي ويٺو آھيان، جيڪو ٿيو ان جو احساس مون کي ھاڻي ٿي رھيو آهي، بس جيڪو ٿيو سو ٿيو، ھاڻ ان جو افسوس ڪرڻ جو ڪھڙو فائدو؟ مون کي جيڪو وڃائڻو ھو سو مان وڃائي ويٺو آهيان.
روشنداس/ مھيسر وڏا
خاموش ٿي ويل ٽھوڪا ۽ مري ويل مورن جي ڪهاڻي!
اڃا ان ڳالھ کي ٽي چار سال مس ٿيا هوندا جو سنگت سان ٿر گهمڻ نڪري پيو هئس، ٿر جي روڊن تي سفر ته رات جو پي ڪيوسين پر فصلن مان ايندڙ خوشبو من کي معطر ڪري رهي هئي. رات جا چار پل اسلامڪوٽ جي هڪ دوست وٽ گذارياسين. صبح جيئن ئي اک کلي ته ڪکاون چونئرن ڀرسان مورن جا ٽھوڪا ۽ مورن جي سونهن ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي. ڀالوا، ڀوڏيسر ۽ ڪارونجهر گهمندي به سائي ويس ۾ ڍڪيل ڌرتيءَ سان گڏ مورن جي منظرن به من موهي وڌو هو، ڇا ته قدرت واري مور کي سونهن بخشي آھي! مور ٿر جي فطرتي حسن جو شاهڪار محور آھي، چون ٿا ته سڪندراعظم جڏهن سنڌ مان مور پڪڙي پنهنجي ماءُ کي تحفي طور موڪليا ته سندس ماءُ وراڻيو ته جنهن علائقي جا  صرف پکي ايڏا سهڻا آھن ته پوءِ اتي جا ماڻھو ڪيڏا نه پيارا هوندا. ڪجهه ڏينهن اڳ مٺيءَ جا دوست خاموش اشوڪ ڪمار جي فيس بڪ وال تي هڪ مري ويل مور جي تصوير ڏٺم ته ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ٿر جي سموري سونهن مري وئي آھي. مري ويل مور جي تصوير هيٺان لکيل هو ته “مون کي هڪ دفعي محبوبا چيو هو ته مون کي مور پڪڙي ڏي، مون ان کي اهي لفظ چيا هئا ته، تنهنجي عشق ۽ محبت کي الوداع ڪري سگهان ٿو باقي مور ڪو نه ڏيندس. جن مورن تان محبوبائون گهوريوسين انهن مورن کي مرندي ڏسي دل روئڻ کان نٿي رهي.”ڪجهه ڏينهن کان ٿر جي مختلف علائقن ۾ مورن جي مرڻ جون خبرون سوشل ميڊيا تي ڏسي فطرتي سونهن مرڻ تي دل اداس ٿي پئي آھي، جيوت کاتي کي گهرجي ته مورن جو علاج ڪري فطرتي سونهن جي نسل کي بچايو وڃي.
غلام علي گل/ ٻيلو، سجاول
قبرستانن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ هاءَ ڪورٽ جو حڪم ۽ سانگهڙ جا آفيسر!
جي ها، سنڌ هاءِ ڪورٽ قبرستانن تان لينڊ مافيا ۽ قبضاخورن خلاف سخت هدايتون ڏيندي سموري سنڌ جي ڊي سيز کي حڪم ڪيو آھي ته قبضا ختم ڪرائي رپورٽ ڏين پر اتي اسان جي ضلعي سانگهڙ ۾ ڊي سي، اي سي کان ويندي مختيارڪار تائين سياسي ڀوتارن جون ونگارون وهڻ ۾ پورا آھن، مقصودي رند لڳ گهنور فقير رند جو 82 ايڪڙن تي ٻڌل قبرستان آھي، جنهن تي قبضاخورن، لينڊ، مافيا ۽ منشيات فروشن، جوئارين غير ضروري اڏاوتن ڪري قبضا ڃمائي ورتا آھن، قبرستان ۾ منشيات فروشن جي منشيات وڪرو ۽ جوئا جا اڏا ھلڻ سبب ماڻھن ۽ گاڏين جي اچ وڃ سبب قبرستان جي بيحرمتي ۽ قبرون مسمار ٿيڻ لڳيون آھن، ان حوالي سان قبرستان ڪاميٽي جي اڳواڻن قلندر بخش رند، علي بخش رند چيو ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب ڊي سي سانگهڙ وٽ پهتاسين، ڊي سي سانگھڙ وري تعميراتي قبضا ختم ڪرائڻ جو آڊر لکي ڏنو، اهو کڻي شھدادپور اي سي ۽ مختيارڪار وٽ آياسين، انهن ڪا خاطرخواھ ڳالھ ڪرڻ بجاءِ چيو ته ڇا جو 82 ايڪڙن جو قبرستان آھي؟ ٻه يا چار ايڪڙ تي قبرستان آھي، باقي ماڻھن جا کاتا آھن، ايئن ڪري ڳالهه ٽارڻ لڳا، واضح ڪندا هلون ته ڊي سي او سانگهڙ وٽ قبرستان جي 82 ايڪڙن جا ڪاغذ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو آڊر کڻي پهتاسين ، ڊي سي او باقائدي غور سان پڙھي ڪاغذ اٿلائي پٿلائي جيڪا درخواست لکيل هئي، 82 ايڪڙ جي ان مٿان آڊر لکيائين باقي ڇا کپي؟ هتي روينيو وارا وڏيرن جي ٻولي پيا ڳالهائين. قبرستانن جي زمين سان ڪرپشن آھي ۽ اسان قبرستان جو حق حاصل نه ڪيو ته اسان ڪڏهن به پنهنجا حق نه وٺي سگهنداسون، هنن اعليٰ ۽ وس وارين اختيارن کان گهر ڪئي ته هن قبرستان ۾ خدا جا بزرگ مدفن آھن، خدارا اسان جي مدد ڪئي وڃي.
ظھورحسين رند/ مقصودورند، سانگهڙ
نوڪري نظرانداز ڪيل ڳوٺ گھنڊيا جا غريب نوجوان!
ضلعي شھيد بينظيرآباد تعلقي سڪرنڊ جي اولھ طرف ڳوٺ گھنڊيا جا غريب نوجوان نوڪرين ۾ نظرانداز ڪيا ويا آهن، پپلزپارٽي جي دور کان ڳوٺ گھنڊيا جا ۽ ٻين ڳوٺن جا رھواسي زرداري ھائوس نوابشاھ ۾ وڃي چون ٿا ته ڳوٺ گھنڊيا جا چڱا مڙس آھيون، جيڪي نوڪريون ملن ٿيون پنھنجن پٽن ڀائرن ۽ ڀائٽين کي ڏين ٿا، جيڪي نوڪريون بچن ٿيون اهي پئس عيوض وڪرو ڪن ٿا، من پسند ماڻھن کي نوڪريون ڏين ٿا، ھن ڀيري به ڳوٺ گھنڊيا ۾ نوڪرين جا اگھ چوڪيداري ۽ پٽيوالي جو اگھ 6 لک مقرر آھي، اسين ڪافي ڀيرا زرداري ھائوس نوابشاھ وارن کي شڪايتون ڪيون آھن، هنن جو چوڻ آھي ته جن ماڻھن کي ڳوٺ جي نالي سان نوڪريون ڏيون ٿا ڪڏھن توھان انھن کان پڇا ڪئي آھي ته ڳوٺ ۾ ڪنھن به غريب نوجوان کي نوڪري ڏني اٿن؟ تازو سنڌ حڪومت نوڪرين جا اشتھار جاري ڪيا آھن، 01 کان 04 گريڊ جون نوڪريون انھن ماڻھن کي ڏنيون پيون وڃن جن کي پ پ پ جي پھرين دور کان حڪومت ۾ ھڪ ئي گھر جي چئن کان پنج گهر ڀاتين کي نوڪرين سان نوازيون ويو، هاڻي جڏھن سنڌ حڪومت مختلف سرڪاري کاتن ۾ نوڪريون ڏيڻ پئي وڃي ته زرداري ھائوس نوابشاھ ۾ وڃون ٿا ته اسان کان ٽوڪن به نٿو ورتو وڃي. لسٽن ۾ وري به انهن ئي خاندان جي ماڻھن کي نوڪريون ڏيارڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر ڳوٺ گھنڊيا واسين سموري زندگي پ پ پ کي ئي ووٽ ڏنا آھن، هن ڀيري به غريب نوجوانن کي نوڪرين کان پري رکيو پيو وڃي، اسين ڳوٺ گھنڊيا جا رھواسي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، محترمه فريال ٽالپر، عذره فضل پيچوهو کان مطالبو ٿا ڪريون ته پاڻ هن معاملي جو نوٽيس وٺن ۽ نوڪرين لاءِ لسٽن جو جائزو وٺن، ڳوٺ گھنڊيا جي غريب نوجوانن سان ناانصافي بند ڪئي وڃي.
منظور علي زرداري/ڳوٺ گھنڊيا
راڻيپور مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو!
راڻيپور ۾ مينھن جو پاڻي 2 ڏينھن گذرڻ باوجود به  نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، برساتي پاڻي جيڪو تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو آھي، راڻيپور ريلوي اسٽيشن روڊ تي مينھن جو پاڻي بيھجي ويو آھي، مينھن جي پاڻي بيھن ڪري ماڻھن کي شھر طرف اچڻ وڃڻ ۾ ڪافي ڏکيائين سان منھن ڏيڻو پوي ٿو، ڇو ته ھي روڊ راڻيپور شھر جو مک روڊ آھي، ھي روڊ راڻيپور سيمت ڪيترن ئي شھر ۽ سوين ڳوٺن سان ملائيندو آھي، ھتان ھزارين ماڻھن جو گذر ھن روڊ سان ٿئي ٿو، برساتي پاڻي بيھڻ جي ڪري ماڻهو وڏين ڏکائين ۽ مونجھارن کي منھن ڏئي رھيا آهن. پھريان ئي روڊ جي حالت انتهائي خراب آھي، روڊ ۾ کڏا پيل آھن، وري برسات پوڻ سبب پاڻي بيٺل آھي، روڊ وارا کڏا پاڻي سان ڀرجڻ جي ڪري ۽ ماڻهن جي نظرن کان اوجھل هجڻ جي ڪري حادثا پڻ معمول بڻيل آھن، ڪيترا ئي ماڻهو حادثن ۾ زخمي ٿيا آھن، خاص ڪري اسڪول ويندڙ ٻارڙن کي به پاڻي مان گذرڻو پوي ٿو، علائقي واسين لاڳاپيل ادارن ۽ ڊي سي خيرپور کي اپيل ڪئي آھي ته مامري جو نوٽيس وٺي روڊ تي بيٺل نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
علم حاصل ڪريو ڀل ان لاءِ توهان کي چين وڃڻو پوي!
علم حاصل ڪرڻ ھر مرد ۽ عورت تي فرض آھي، شهيد بينظير آباد تعلقي سڪرنڊ جي يوسي ڪنب ليما ڳوٺ ڀلو جمالي جي گورنمنٽ بوائز ھاءِ اسڪول ۾ استادن جي کوٽ سبب شاگردن جي زندگي تباهه ٿي رهي آهي. چوندا آهن ته ڪنهن به قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان کان تعليم کسي وڃي، سنڌ ۾ اھڙا ڪيترائي اسڪول آهن جيڪي انتظاميا جي بيڌيانيءَ جي ڪري تباهه ٿيل آهن، سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي جو چٽو ثبوت ضلعي شهيد بينظير آباد جي تعلقي سڪرنڊ جي يوسي ڪنب ليما ۾ قائم گورنمينٽ بوائيز ھاءِ اسڪول جي عمار ته عاليشان ٺھيل آھي پر بدقسمتيءَ سان ڪافي سالن کان وٺي استادن جي کوٽ جي ڪري غريب طبقن جي ٻارن جي تعليم تباهه ٿي رھي آھي پر افسوس آھي ته اسان جي علائقي جا اڳواڻ، اعليٰ عملدار، تعليم کاتي جا آفيسر، چونڊيل نمائيندا ان اهم مسئلي بابت ڪڏھن به آواز نٿا اٿارين، استاد نه ھجڻ جي ڪري يوسي ڪنب ليمان جي ڳوٺ ڀلو جمالي، ڳوٺ پيارو جمالي، نادر جمالي، فضل ڪيريو، ولي محمد ڪيريو، عثمان جمالي، مٺو جمالي، ڇپر خان کوسو، نبي بخش خاصخيلي ۽ يار محمد سولنگي جا سوين شاگرد اھڙي دور ۾ تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن. اسين وزير اعليٰ سنڌ سائين مراد علي شاهه ۽ تعليم واري وزير سعيد غني کي گذارش ڪيو ٿا ته مھرباني ڪري ھن مسئلي جو ترت نوٽس وٺي استادن جي کوٽ پوري ڪري استاد مقرر ڪيا وڃن، تعلقي سڪرنڊ جي يوسي ڪنب ليمان جي ٻارن جو مستقبل بچائي ۽ گورنمنٽ بوائز ھاءِ اسڪول ڀلو جمالي جي عمارت کي زبون حال ٿيڻ کان بچايو وڃي.
اسد بلوچ/ سڪرنڊ
مظلوم قيديءَ جو آوزا ۽ آخري سنوائي!
(حصو ٻيون)
جڏهن اسان ڪورٽ پهتاسين ته ان وقت ڪورٽ کلي چڪي هئي ۽ جج صاحب انصاف جي ڪرسيءَ تي ويهي رهيا هئا ۽ سندس پڙاڏا سڄي ڪورٽ ۾ گونجي رهي اهئا، جيئن ئي اسين پهتاسين ته پهريان ئي اسان کي ان سرڪاري گاڏيءَ مان لاهي ڪورٽ جي چئوديواريءَ اندڙ ٺيهل لاڪ اپ ۾ ويهاريو ويو، ايتري ۾ اسان جا مائٽ به کلندي اچي اسان سان لاڪ اپ جي سيخن پويان مليا ۽ دعائون ڏيندي چوند ارهيا ته اڄ توهان آزاد آهيو، پنهنجي مائيٽن کي کلندي ۽ خوش ڏسي ڪجھه خوشيءَ جي لهر اسان جي اکين ۾ به ڇائنجي وئي ۽ ڪجھه پريشاني گھٽ ٿي. ڪجھه دير کان پوءِ ڪورٽ جو ڪاروهنوار تيز ٿي ويو. هر طرف کان جوابدارن کي پڪارڻ جا آواز اچڻ لڳا. پهرين آواز اسان جو آيو، محبت مغيري ۽ بيا آواز ايندي ئي اسان کي قيدين جي لاڪ اپ مان ڪڍيو ويو، اسان جي اڳيان ۽ پٺيان پوليس ئي پوليس هئي، اسان کي پوليس نفريءَ ۾ ڄامشوري ڪورٽ ۾ جج صاحب وٽ پيش ڪيو ويو. جج جي چوڻ تي پوليس وارن اسان کي ڪورٽ کان ٻاهر ڪڍي بئنچن تي ويهاريو ويو. ڪورٽ جي آڳر ۾ پيل بئنچن تي ٻيا به کوڙ قيدي ۽ ٻاهر کان آيل ماڻهو به ويٺل هئا. اسان جا مائٽ پوليس وارن کان ٿورو پرڀرو ٿي بيٺل هئا، انهيءَ دوران مون کي پنهنجي والد صاحب جي چهري تي عجيب جلوا نظر آيا. ان جو چهرو مون کي پراسرار پي لڳو. سندس چهري تي ڏاڍو سڪون هو. ايڏو سڪون شايد ڪنهن وڏي گيان ۽ ڌيان کان پوءِ حاصل ٿيندو آهي. ان کي جڏهن مون غور سان ڏٺو ته سندس نماڻن نيڻن مان برسات وسي رهي هئي، بلڪل سانوڙ جي ان گونگي مينهن جيان جيڪو مَنهه ڇپر ۽ ڀتيون به ٽمائي ڇڏيندو آهي. لڙڪ جيڪي سندس ڏاڙهي مبارڪ مان ٽمندا سندس هنج ۾ جذب ٿي رهيا هئا. (جاري)
سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد
مستحقن لاءِ آزار بڻيل تنگواڻي احساس سينٽر!
جيئن ئي احساس قسط اچي ويندي آھي تيئن ئي تنگواڻي احساس سينٽر ۾ ايجنٽن جا ڪٽڪ لھي پوندا آھن، اھي ايجنٽ ڊوائيس مالڪن جا رکيل ھوندا آھن، جيڪي ٻاھران مستحقن سان ڊيل ڪري کين بنا قطار ۾ بيھڻ جي ھزار رپين جي ناجائز ڪٽوتي سان امدادي رقم ڏيندا آھن، جيڪي مستحقن ايجنٽن جي ڊيلنگ ۾ نه ايندا آھن ته وري انھن کي ڊوائيس مالڪ مختلف بھانن سان واپس ڪندا آھن، کين ڄاڻي واڻي امدادي رقم نه ڏيندا آھن. آخرڪار ڊوائيس مالڪن جا ستايل اھي متاثر نيٺ تنگ ٿي ايجنٽن مافيا جو شڪار ٿي ويندا آھن. ڊوائيس مالڪ اھو سڀ ڪجھ احساس سينٽر تنگواڻي جي انچارج جي ملي ڀڳت سان ڪري رهيا آھن. مون ڪيترائي ڀيرا احساس سينٽر تنگواڻي جي انچارج، ڊي سي ڪشمور ۽ اي سي تنگواڻي کي ڊوائيس ماسٽرن جي ناجائزين، بليڪ ميلنگ ماڻھن کي تنگ ڪرڻ ۽ في مسحق کان غيرقانوني طور ھزارين رپين جي ڪٽوتي جي شڪايت ڪئي، ڄاڻايل ذميوارن ھميشه مون کي شڪايت دور ڪرڻ جون خاطريون ڪرايون پر اڄ تائين شڪايتن جو ازالو ناهي ڪيو ويو، ھن وقت تنگواڻي احساس سينٽر تي قسط ھلي پئي، ڊوائيس مالڪ سرعام ھزار رپيا في مستحق کان ناجائز ڪٽوتي ڪري رھيا آھن پر کين ڪو چوڻ وارو ناھي، ڪيڏو نه وڏو الميو آھي جو غريب مسحقن کي 6 مھينن کان پوءِ قسط ملندي آھي، ان ۾ به ايجنٽ مافيا ۽ ڊوائيس مالڪن جو حصو پتي آھي. احساس پروگرام جا ذميوار آفيسر خاموش آھن، آئون ھن چٺيءَ وسيلي احساس پروگرام جي سربراهه تانيا نشتر، وزيراعظم پاڪستان، احساس پروگرام جي صوبائي ڊويزن ۽ ضلعي جي ذميوار آفيسرن جو ڌيان ڇڪرايان ٿو ته خدارا ڪرپشن جو گھر بڻيل تنگواڻي احساس سينٽر مان ڪرپشن ايجنٽ مافيا جو آزار ختم ڪري ڪرپٽ ڊوائيس مالڪن جو احتساب ڪري سندن خلاف فوري طور سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪرپٽ ڊوائيس مالڪن احساس تنگواڻي انچارج کي فوري طور ھٽائي سندن جاءِ تي ڪو ايماندار ڊوائيس ماسٽر ۽ انچارج مقرر ڪيو وڃي جيئن ھتان جا متاثر بنا تڪلف ۽ ڪٽوتيءَ جي رقم حاصل ڪري سگھن.
اسماعيل بھلڪاڻي/ تنگواڻي