ملير(رپورٽر) ملير جي ميمڻ ڳوٺ ويجهو  ڦر دوران مزاحمت تان زخمي ٿيل نوجوان فوت، نوجوان جي وارثن ۽ علائقي واسين  جو احتجاج، ان ڏس ۾ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ سولنگي اسٽاپ وٽ گذريل رات موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن  دڪاندار شهمير بگٽي کان ڦر جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن اسپتال ۾دم ڏنو، اهڙو اطلاع ملڻ تي  مڇريل ماڻهو روڊن تي نڪري آيا،  ميمڻ ڳوٺ وٽ سپر هاءِ وي کي ملائيندڙ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، شهرين ن چيو ته علائقي ۾ ڦرون، ڌاڙا ۽ قتل روز جو معمول بڻجي ويو آهي، پوليس تماشائي بڻيل آهي