لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد غريب آباد پاڙي ۾ ڦر دوران هٿياربندن کير جي، دڪان ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني جتي گولي لڳڻ سبب مسجد جو پيش امام صفيع الله جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي کير جي دڪاندار حفيظ الله جاگيراڻي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ صفيع الله مسجد جو پيش امام آهي جيڪو عشاءَ جي نماز پڙهي منهنجي دڪان تي ويٺو ته موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربند ڦورو دڪان ۾ گهڙي آيا ان تي ڀاءُ جان بچائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربند ڦورن کيس گولي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته هٿياربند ڦورن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.