مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند لڳ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان فوت ، گھر ۾ ڪھرام، خبر موجب سرھاڙي واٽر اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل سلپ ٿي پٿر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 20 سالن جو نبي داد حاجاڻو سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي فوري طور سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، نوجوان جي فوت ٿيڻ واري اطلاع تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان شھدادپور کان واپس ڳوٺ ٻيڙو خان زرداري اچي رھيو ھو ته حادثو ٿيو،