ڪراچي (نمائندن وٽان) تحريڪ انصاف سکر طرفان بجلي بلن سان ٽيڪس اوڳاڙي، لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي  خلاف ايڊوڪيٽ ظهير بابر، منور چوهاڻ، ذاڪر بنڌاڻي، صفيه بلوچ، صبا ڀٽي، ثمرين علي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪارڪنن امپورٽيڊ حڪومت نامنظور، گو نواز گو ۽ مهانگائي خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا.ٽنڊوالهيار ۾ انجمن تاجران پاران وفاقي حڪومت پاران بجلي جي بلن ۾ 6 هزار روپيا ريٽيلر ٽئڪس لڳائڻ خلاف مارچ ڪيو ويو صوبائي صدر وقار حميد ميمڻ جي اڳواڻي ۾ نڪتل سوين واپارين ۽ دڪاندارن جو مارچ شهر جي مختلف علائقن مان ٿيندو لطيف گيٽ پهتو.ڪنري ۾ شھرين اسماعيل قمر، حاجي عرفان سليم، مولوي شھزاد قادري، خالد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ بجلي بلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.