اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته رمضان ۾ غريب ماڻهن کي مفت اٽو ايمانداري ۽ شفافيت سان مهيا ڪيو ويو آهي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مفت اٽي جي فراهمي جي پاڻ نگراني ڪئي ۽ شهرن جو پاڻ وڃي دورو ڪيو. هن چيو ته تاريخي اسڪيم جي ڪاميابي ۾ انتظامي آفيسرن ۽ عملي ڏينهن رات محنت ڪئي جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي.