مرزاپور(ن پ ا) مرزاپور جي ڪچي واري علائقي فقير ڳوٺ ۾ وحشي جوابدار پاران فائرنگ ڪري زال سلمان جوڻيجو، ٻن نياڻين اقصيٰ، ڪبريٰ جوڻيجو ۽ چاچي فرزانه جوڻيجو جي قتل جو ڪيس ويهه ميل ٿاڻي تي فرزانه جوڻيجو جي ڀاءُ عبدالغني جوڻيجو جي فرياد تي جوابدار غلام اصغر جوڻيجو خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگري جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، واضح رهي ته جوابدار اڳ ئي گرفتار ٿيل آهي.