راڻيپور(ن پ ا) ٻه سال اڳ سمي هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ جي شاگردياڻي عليزا حطار سان جنسي هراسمينٽ وارو مامرو: پي ٽي آءِ اڳواڻ احمد علي شاھ شاگردياڻي عليزا حطار سان سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سمي هاءِ اسڪول ۾ 2019 ۾ استاد نديم ميراڻي، غلام شبير ڀاڳت، غلام رسول ڀٽي ۽ هيڊماستر خان محمد سهتو جنسي هراسمينٽ ڪندا رهيا، آواز اٿاريو ته مختلف وقتن تي ڌمڪائيندا رهيا، ڪورٽ سڳوري جي حڪم تي سوڀوديرو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، بااثرن جي چوڻ تي ڪيس بي ڪلاس ڪيو ويو، ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي آھي، استادن خلاف ڪيتريون انڪوائريون ٿيون، جنهن ۾ ھو سسپينڊ پڻ ٿيا، ايترا بااثر آھن جو جلد بحال ٿي وڃن ٿا، اهي استادن جي روپ ۾ وحشي درندا آھن، انصاف لاءِ دربدر آھيان، جيستائين اهي استاد جيل نه ويندا مان آرام سان نه ويهندس.پي ٽي آءِ اڳواڻ احمد علي شاھ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي نياڻي ٻه سال کان دربدر آھي، تعليم واري وزير سعيد غني کي ايڪشن وٺڻ گهرجي هان پر هو پاڻ وڏيرن جاگيردارن هنن جا پارٽين ۾ آھن، عورتن جي تحفظ جون ڳالهيون ڪندڙ ايم اين اي نفيسه شاھ ڇو چپ آھي؟ هن نياڻي لاءِ اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ گهرجي هان اسان هن نياڻي سان هر حال ۾ گڏ آھيون.