مداخلت جي ضرورت پئي ته موڪل واري ڏينهن به پهچي وينداسين: چيف جسٽس

0
279
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس
آئيني اشوز ۾ منجهائي عدالت جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته مداخلت جي ضرورت پئي ته موڪل واري ڏينهن به پهچي وينداسين، ڪنهن به سياسي ليڊر اسان جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سنگين نتيجا نڪرندا، ڪنهن جي به طرفان قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسان مداخلت ڪنداسين

چيف جسٽس عمر عطا بنديال عمران خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا

چيف جسٽس چيو ته آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ انتظاميا جي ذميواري آهي، اسان جو ڪم توازن رکڻ آهي، احتجاج جو حق به اُن سان مشروط آهي

سپريم ڪورٽ عمران خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ اربعا تائين ملتوي ڪري ڇڏي

عدالت عمران خان جي پراڻن احتجاجن بابت ايجنسيز جون جمع ڪرايل رپورٽس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

ھي به پڙھندا

ڇا گم ٿيل ماڻھن کي زمين کائي ويندي آھي جو بازياب ئي نه ٿا ٿين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ ججز جو ڪردار ختم