سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ ججز جو ڪردار ختم

0
149
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورت سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي نگراني ۾ ججز جو ڪردار ختم ڪري ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت شهرين تي ٻڌل ڪميٽيز حڪومتي ادارن سان گڏجي ڪنديون

سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ م ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امدادي سرگرمين ۾ ججز جي سربرهاي ۾ جوڙيل ڪميٽيز خلاف سنڌ حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سمورا مامرا اُتي اُٿاريا وڃن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو احترام آهي، اُن جي رستي ۾ نه اينداسين

متاثرن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته دادو ٻڏي ويو، ٻارڙا مري رهيا آهن، عدالت مامري تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو آهي، وڪيل چيو ته حڪومت ته رڳو امداد جو انتظار ڪري رهي آهي

جسٽس عائشه ملڪ ريمارڪس ڏنا ته ڇا امداد جي ورڇ لاءِ ڪميٽيز ڪم ڪري رهيون آهن؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدالت کي زميني حقيقتون ٻڌايو، ڇا اين ڊي ايم اي قانون ۾ شهرين جي معاونت جو طريقيڪار موجود آهي؟

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته سيڪشن 7 ۾ صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڪميٽيز جوڙڻ جي اجازت ڏنل آهي، جنهن تي متاثرن جي وڪيل چيو ته مسئلو رڳو ججز جي مانيٽرنگ جو آهي

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪنداسين

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امدادي سرگرمين جي نگراني لاءِ ججز تي ٻڌل ڪميٽيز جوڙيون هيون، سنڌ حڪومت عدالتي ڪميٽيز کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو

ھي به پڙھندا

سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف سراج الحق جي اڳواڻي ۾ وڳڻ ويجھو ڌرڻو