سنڌ جو عاشق جمن دربدر ڌرتيءَ ماءُ جي هنج حوالي

0
703

عمرڪوٽ: وٺي هر هر جنم وربو جهڙن امر گيتن جي خالق جمن دربدر جو مڙهه ڳوٺ روحل واءِ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

نامياري فنڪار مانجهي فقير جي سرن جي ورکا ۾ جمن دربدر جو مڙهه دفنايو ويو

جنازي نماز ۾ زين شاهه، نياز ڪالاڻي، تاج جويو ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جمن دربدر 80 ورهين  جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب دم ڏنو

سنڌ ۾ جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتابن ۾ به جمن دربدر جي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو

بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ تعليم واري وزير سردار شاهه پاران به جمن دربدر جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، وڏي وزير چيو ته جمن دربدر بهترين شاعر ۽ سنڌ سان لازوال محبت ڪندڙ انسان هو