مدئجي (ن پ ا) مدئجي پوليس ڊکڻ لنڪ روڊ درگاهه پيرفتن شاهه وٽ مبينا مقابلي ۾ مبينا ڦورو خالد خروس  کي پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي آهي.ايس ايچ او رابطو ڪرڻ تي اطلاع مليو ته ڦورو ڊکڻ واسي نوجوان آفتاب بيهڻ کان موٽر سائيڪل ڦري فرار ٿي رهيا آهن، هڪ ڦورو کي پڪڙي ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي. هوڏانهن مبينا ڦورو جي گرفتاري جو ٻڌي وڏي انگ ۾ شهري ٿاڻي تي پهتا جڏهن ته پوليس پڪڙيل ڦورو کي اڻڃاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.