ميرپورخاص(رپورٽ وارث خاصخيلي)ميرپورخاص ضلعي ۾ مڪاني ادارن جي اليڪشن جون تياريون زور ۽ شور سان جاري آھن ۽ تياريون عروج تي پھتل آھن. تفصيل موجب ميرپورخاص شھر سميت ضلعي جي سمورن شھرن کي مختلف جھنڊن ۽ پينا فليڪسن سان سينگاريو ويو آھي شھر جي مختلف علائقن سميت ڳوٺن ۾ اميدوارن ۽ سندن عزيزن ، حامين جا ميڙا لٿن آهن ۽ کين عوام پاران گذريل وقت جو وڏو پڇاڻو ڪيو پيو وڃي ھن اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوارن کي به وڏيون مشڪلاتون سامهون  آيل آهن، پ پ جي اميدوارن کي پ پ کان ناراض ايم اين اي سيد علي نواز شاهه جي گروپ ڪيرائڻ لاءِ سنڌرا ٻڌي ڇڏيا آھن ضلعي ۾ مختلف تڪن مان ڪجھه سيٽون کٽي اچڻ جو به امڪان ظاھر ٿي ويو آهي، ھوڏانھن مڪاني ادارن جي گذريل پنجن سالن جي ڪيل سروي ۽ ورتل انگ اکرن موجب ضلعي جي مختلف ادارن پاران مختلف خرچن سميت عوام جي بنيادي مسئلن تي اٽڪل 16 ارب روپياخرچ ڏيکاريو ويو آهي ڪيل سروي موجب شھر جي محمود آباد ، سيال ڪالوني ، ھاشم نگر ، اسماعيل شاھ ڪالوني ، صوفي ٽائون ، خاصخيلي پاڙو ، مھراڻ ڪالوني، جوڻيجو ڪواٽر ڪالوني، پاڪ ڪالوني سميت شھر جا ڪئين علائقا مٺي پيئڻ جي پاڻي ، روڊن ، صفائين سميت ٻين سھولتون کان محروم بڻيل آهن ڪيل سروي دوران مرتضي’ , غفار حسين ، حسين بخش ، ميرمحمد ، شوڪت علي ، زبير ، آفاق ، انيس سميت سوين ماڻهن گذريل مڪاني دور ۾ آيل اميدوارن تي مختلف جعلي بلن ذريعي سمورا فنڊ ھڻپ ڪرڻ جا الزام هڻندي نئين بلدياتي اليڪشن ۾ کٽي ايندڙ اميدون مان مختلف ترقياتي ڪمن سمت بنيادي سھولتن جي اميد ظاھر ڪئي آھي .