اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف هر شعبي جي ڪتاب ۽ پائي پائي جي سبسڊي جو جائزو وٺي رهيو آهي، پاڪستان کي مالي چيلنجز شديد آهن، ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان سخت مالي چيلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ موجود آءِ ايم ايف وفد ناڻي ۽ واپار واري وزارتن جي هڪ هڪ ڪتاب کي ڏسي رهيو آهي، مشڪل صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم شهبازشريف آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب دوران ڪشمير جي آزادي کي ملڪ جي معيشت سان مشروط ڪندي چيو ته مضبوط ارادي ۽ عملي قدمن جي صورت ۾ جلد ڀارت جبر کان آزادي حاصل ٿي سگهندي، وڏي طاقت جمهوريت جو روپ اوڍيو آهي پر اها جيڪو ڏاڍو سو گابو واري پاليسي تي عمل پيرا آهي. شهبازشريف چيو ته هن وقت ايوان ۾ سمورين پارٽين جا نمائنده موجود آهن ۽ اهو ئي اتحاد ڀارت کي پريشان ڪري ٿو، پاڪستانين سدائين پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي مدد ۽ حمايت جاري رکي آهي، ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ضرور رنگ لائيندي پر ضروري آهي ته عملي قدم به کنيا وڃن، ڀارتي وزيراعظم مودي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري پوري خطي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ بدلائي ڇڏيو. وزيراعظم اظهار ڪندي چيو ته ڪشميرين جي شڪايت جائز آهي ته مظفرآباد کان وٺي آفريقا جي آخري ڪناري تائين رهندڙ مسلمان جيڪڏهن مضبوط ارادو ڪن ته ڪشميري ۽ فلسطيني ڀائرن کي آزادي ڏيارڻي آهي ته آئون الله جو قسم کائي چوان ٿو ته الله جي مدد سان هي آزاد ٿي ويندا پر ان لاءِ عملي ڪم ڪرڻو پوندو، نعرن، تقريرن ۽ مرثين سان ڪجهه نه ٿيندو. اي پي پي موجب وزيراعظم چيو ته اڄ معاشري ۾ تقسيم در تقسيم پيدا ٿي چڪي آهي، جيڪا افسوسناڪ آهي پر اڄ مظفرآباد ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين جي ميمبرن جنهن اتفاق، اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو آهي، ان سان ڀارت در دريون، ڀارت جي حڪومت ۽ سندس ساٿي ضرور پريشان ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ٻئي جنگ عظيم ۾ جاپان ۽ جرمني تباهه ۽ برباد ٿي ويو ۽ ڪروڙين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا پر 60 ورهين ۾ هنن محنت ڪئي، اڄ سڄي دنيا ۾ انهن جا طوطا ڳالهائي رهيا آهن، ٻنهي قومن پنهنجي شڪست کي محنت ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ اڄ دنيا انهن کانسواءِ نه ٿي هلي سگهي. شهبازشريف چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي، ڀارت ميري اک کڻي به نه ٿو ڏسي سگهي پر جيڪڏهن اسان کي ڪمشيرين کي آزادي ڏيارڻي آهي ته پاڪستان کي معاشي طاقت بڻائڻو پوندو. هن چيو ته آئون اڄ پاڪستان جي وزيراعظم طور نه پر هڪ پاڪستاني طور اوهان سامهون بيٺو آهيان، اختلافن کي مٿانهون رکي جيڪڏهن اسان فيصلو ڪريون ته اسان کي ڪشميرين ۽ فلسطينن کي حق ڏيارڻا آهن ته اسان کي سفارتي ڪوششون ڪم آڻڻيون پونديون، ان سان ڪشمير آزاد ٿيندو.