ڪراچي (م  ڊ) تحريڪ انصاف جي هڪ ميمبر جيل ڀريو تحريڪ جي حڪمت عملي ٻڌائي ڇڏي، بي بي سي پاران رابطو ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي هڪ ميمبر ٻڌايو ته تحريڪ جي پهرين مرحلي پارٽي جا سينيئر ميمبر ۽ پارلياماني اڳواڻ پاڻ جيل ويندا، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 500 پارٽي ورڪر مختلف صوبائي تڪن مان سريندڙ ڪندا. پي ٽي آءِ ميمبر کان سوال ڪيو ويو ته هن تحريڪ سان ايندڙ چونڊون کٽڻ ۾ ڪهڙي مدد ملندي؟ جنهن جي جواب ۾ پي ٽي آءِ ميمبر ٻڌايو ته هن وقت اسان احتجاج ڪري رهيا آهيون ۽ سوچي رهيا آهيون ته گرفتاريون به هلنديون رهن ته بهتر آهي، پهرين پاڻ گرفتاريون ڏيون. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ جلد چونڊون ڪرائڻ جي جدوجهد جو حصو آهي، اسان وٽ 2 رستا آهن، هڪ يا ته اسان پاڻ تشدد جو رستو اختيار ڪريون ۽  ٻيو ته کي حوالي ڪريون، اسان سريندڙ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ملڪي جيلن کي ڀرڻ سان موجوده نظام مفلوج ٿي ويندو، انشاءُ الله جلد تمام وڏي تعداد ۾ ماڻهو گرفتاريون ڏيندا،