لکي غلام شاھ (ن پ ا) لکي غلام شاھ لڳ رستم ٿاڻي جي حد ناپر ڪوٽ ٿاڻي جو وائرليس آپريٽر عبدالغفار ڪڪڙو پنهنجي عزيزن سان گڏ موٽرسائيڪل تي ڳوٺ محمد عالم ڪڪڙو طرف وڃي رهيو هو ته4 موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پوليس اهلڪار ۽ ڳوٺاڻن عبدالسلام ۽ انيس احمد ڪڪڙو کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي، مزاحمت تي هٿياربند ٽنهي ڳوٺاڻن کي تشدد ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا، طلاع تي پوليس پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.