سن (ن پ ا) سن، مانجهند شهرجي شهرين محمد صالح حاجاڻو، خيرمحمد حاجاڻو، محمدعلي عمراڻي، حاجي صديق ميمڻ ۔عبدالرزاق ورياڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهروڪري ڌرڻوهنيو. مظاهرين دانهيندي چيوته مانجهند شهر جو قبضا ۽ ڀتا مافيا جوسربراهه مجيد مانجهند مختلف وقتن تي هٿياربندن سان گڏ گهرن ۾ گهڙي گهرن مان لڏائڻ جون ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪري رهيوآهي، جڏهن ته جن پلاٽن تي قبضامافيا دعويٰ ڪري اسان کان لکين روپيا ڀتو گهري رهيوآهي. انهن پلاٽن تي اسان گذريل 50 سالن کان آباد آهيون هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي قبضامافيا کان تحفظ فراهم ڪري گهرن کي قبضوٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ قبضا۽ ڀتا مافيا جي سربراهه مجيد مانجهند جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيووڃي. مجيد مانجھند رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جنهن زمين ۾ دڪان گھر اڏيل آھن ان زمين جا ڪاغذ مون وٽ آهن مان ان لاء قانوني رستو اختيار ڪيو آهي ۽ مونسان عدالت انصاف ڪندي.