حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آل حيدرآباد هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس جي سڏ تي مالڪن ۽ مزدورن پاران هوٽلون سيل ڪري ڏنڊ وصولي خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. نواب خان، سيد وڪيل شاهه، حاجي اميرالرحمان ۽ ٻين چيو ته حيدرآباد جا ڪاروباري ماڻهو ڪورونا وبا کان بچاءِ لاءِ ضلعي انتظاميا ۽ حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪري رهيا آهن پر انتظاميا ۽ پوليس حيدرآباد شهر ۾ الڳ الڳ جاين تي مختلف حڪم ناما جاري ڪري هوٽلون ۽ ريسٽورينٽ بند ڪرائي کانئن ڳرا ڏنڊ وصول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. قاسم آباد ۽ لطيف آباد جا اسسٽنٽ ڪمشنرز ڪو نه ڪو بهانو بڻائي سندن هوٽلن تي چڙهايون ڪري هزارين رپيا ڏنڊ وصول ڪري رهيا آهن. ضلعي انتظاميا ڪڏهن حددخلين ته ڪڏهن فوڊ اٿارٽي جي آڙ ۾ کين تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ضلعي انتظاميا جي ناانصافين جو نوٽيس وٺي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.