لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڪتن10 ٻارڙن، هڪ معذور نوجوان سميت 15 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن ۾ 5 ورهين جي عليزه، 5 ورهين جي بي بي، 6 ورهين جو احمد رضا، 7 ورهين جو ڪاشف علي 8 ورهين جو محسن، 9 ورهين جو شاهه نواز 9 ورهين جو مدثر ، 12 ورهين جو علي رضا ، 12 ورهين جو فهيم علي 13 ورهين جو رجب ، 14 ورهين جو احسن ، 25 ورهين جي معذور نوجوان ثناءَ الله چانڊيو، 28 ورهين جو ارباب  ۽ 45 ورهين جو اعجاز احمد ولد سائين رکيو شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏيڻ بعد ڪجهه ٻارن کي شيخ زيد چلڊرين اسپتال منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏيندي معمولي زخمين کي گهر اماڻي ڇڏيو. ان موقعي تي رولو ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي پاڙي ۾ ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، اڄ پاڙي ۾ اسان جا ٻارڙا راند کيڏي رهيا هئا جتي اوچتي رولو ڪتن حملو ڪري اسان جي 10 ٻارن، هڪ معذور سميت 15 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي ويڪسين سينٽر آندو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڙي ۾ ڪتا مهم شروع ڪرائي وڃي.